عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison icon

عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison

★★★★★
★★★★★
(0.00/5)

1Free4 years ago

Download عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison APK latest version Free for Android

Version 1
Update
Size 11.62 MB (12,186,112 bytes)
Developer Zawar Reza Hussain Alhussaini
Category Apps, Books & Reference
Package Name hadis40.razavi1
OS 4.1 and up

عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison APPLICATION description

اَلسَّلامُ عَلَى الْحُسَيْنِ وَ عَلى عَلِىِّ بْنِ الْحُسَيْنِ
عزاداري بابت چاليھ حديثون

بسم الله الرحمن الرحيم
سيد الشهداء حضرت امام حسين عليه السلام، سندن اهل بيت عليهم السلام ۽ انصار عليهم السلام وارن پنهنجي رت سان لکيل داستانِ ڪربلا انساني تاريخ جو اهو الميو آهي جيڪو وقت گذرڻ سان ميسارجڻ بجاءِ وڌيڪ چٽو پيو ٠يندو وڃي. حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، نيڪي ۽ بدي جي وچ ۾ ٠يندڙ انهيءَ ٽڪراءَ کي باقي ۽ زندھ رکڻ واري منصوبه بندي ۽ پلاننگ جو نالو ”عزاداري“ آهي.
عزاداري ڪنهن قوم، ملڪ، علائقي يا فرقي پاران جاري ڪيل ”بي مقصد ثقافت“ يا وڏڙن پاران ورثي ۾ مليل اجائي رسم ۽ رواج نه بلڪ ڪربلا ۽ پيغام ڪربلا، حسين عه ۽ مقصد حسين عه جي وارثن ۽ امانتدارن پاران جڙيل هڪ عظيم ۽ مقدس سلسلو آهي جنهن الاهي نظام جي بقا، اسلام جي دفاع، انقلابن جي آبياري، لا تعداد انسانن جي ”حُر“ جيان اصلاح ۽ بيداري، مظلوميت جي حمايت، ظلم جو مقابلو ۽ حق جي حمايت ۾ سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏڻ جهڙا عظيم ڪارناما سر انجام ڏنا آهن ۽ قيامت جي ڏهاڙي تائين اهو سلسلو پنهنجو منصب نڀائيندو.
اسان جي اداري مختلف موضوعات تي ”چاليھ حديثون“ ڇپائڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي. هي ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جنهن جو ترجمو اسان جي مانائتي ڀاءَ نوشاد علي جعفري ڪيو آهي. شال ڌڻي سڳورو انهيءَ پورهيي عيوض کيس سيد مظلوم امام حسين عليه السلام جي حقيقي عزادارن ۾ شمار فرمائي. وحيءَ جي ترجمان، معصوم زبانن منجهان جاري ٠يل هي چاليھ حديثون، عزادارن لاءِ سندن حوصلا بلند ۽ مقصدِ حسين عه لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي سگھ ۾ واڌاري جو سبب ۽ ”عزاداري سيد الشهدا“ جي م٠ان آڱريون کڻڻ وارن لاءِ پڻ اصلاح جو وسيلو ٠ينديون. ان شاءَ الله.

پيشڪش: المجتبۍ فائونڊيشن ( طلاب سنڌ پاڪستان٬ مقيم قم المقدسہ ايران)

شڪريو:
سنڌيڪار: نوشاد علي جعفري
پيش لفظ: اخلاق احمد اخلاق
ايپ ڊولپر: زوار رضا حسين الحسيني
علمي نظارت: ڊاڪٽر غلام قاسم تسنيمي
سنڌي آواز: ظفر علي تسنيمي

پاران: صدر مولانا نظير احمد بهشتي

رابطو:
ويب سائيٽ: www.almujtaba14.com
WhatsApp: +989390912866
↓ Read more
عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 1 عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 2 عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 3 عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 4 عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 5 عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 6 عزاداري جون حديثون Azadari jon Hadison screen 7